جي. ايم. ڀڳت

جي. ايم. ڀڳت

جي ايم ڀڳت

جي. ايم. ڀڳت: گورڌن داس عرف جي .ايم ڀڳت ولد مولچند داس، 8 آڪٽوبر 1945ع تي ڳوٺ ڀڏيلي، تعلقي ۽ ضلعي عمر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيدپور عمرڪوٽ مان حاصل ڪرڻ بعد مذهبي هندو شاسترن جي تعليم ورتائين. هن جي. ايم. سيد سان عقيدت طور پنهنجو نالو گورڌن داس مان مٽائي جي. ايم ڀڳت رکيو. سندس سڃاڻپ سياسي ڪارڪن طور گھڻي آهي. هن 1976ع ۾ جي. ايم. سيد جي قومپرستيءَ واري نظريي کان متاثر ٿي، جيئي سنڌ محاذ سان وابستگي اختيار ڪئي. پهريون ڀيرو سياسي قيديءَ طور 1986ع ۾ چئن مهينن لاءِ سب جيل عمرڪوٽ ۾ قيد رهيو ۽ 17 آڪٽوبر 1988ع تي کيس قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کڻي ويا، ڇهه مهينا گم رهڻ کانپوءِ آزاد ٿيو. 1987ع کان 1991ع تائين هي ٽائون ڪميٽيءَ جي ورڪس ڪميٽي جو چيئرمئن رهيو. 1990ع ۾ سنڌ قومي اتحاد جي ٽڪيٽ تان جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتائين، جنهن ۾ مخالف اميدوار کان فقط 250 ووٽن تان هارائي ويو. 9 سيپٽمبر 2006ع تي هڪ دفعو ٻيهر ڳجهن ادارن هٿان گرفتار ٿيو، ان گمشدگيءَ خلاف ايڊووڪيٽ يوسف لغاريءَ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به عاصمه جهانگير، آصف بالادي ۽ چيتن بجير هن جي آزادي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي کيس 11 آڪٽوبر 2007ع تي ظاهر ڪري قاسم آباد ٿاڻي تي، ڪنهن پراڻي ڪيس ۾ چالان ڪري، سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻيو ويو. 28 جنوري 2009ع تي سيشن ڪورٽ حيدرآباد کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جي ايم ڀڳت جو سياست ۾ آئيڊيل جي.ايم. سيد آهي. هن وقت عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو ۽ سماجي خدمت سان گڏ ويدانتي تعليم ڏيئي رهيو آهي.


لفظ جي ايم ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو